سلطان ابراهيم شاهه جي مزار

سلطان ابراهيم شاهه جي مزار

سلطان ابراهيم شاهه

سلطان ابراهيم شاهه: ضلعي شڪارپور جي اوليائن ۽ صوفي بزرگن ۾ حضرت سلطان ابراهيم شاهه جو نالو به سر فهرست آهي. هي بزرگ پنهنجي دور جو صاحب ڪرامت ولي سڏيو وڃي ٿو. تاريخ جي مطالعي مان خبر پوي ٿي ته شڪارپور شهر جو بنياد به هن بزرگ جي دعا سان پيو. لکيءَ جا مهر سندس مريد هئا ۽ دائودپوٽا به سندس وڏو احترام ڪندا هئا. جڏهن مهرن ۽ دائودپوٽن ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي هئي ته پير صاحب دائودپوٽن جي چوڻ تي صلح ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر مهرن انڪار ڪيو. ٻنهي ڌرين ۾ لڙائي لڳي، جنهن ۾ دائودپوٽا سوڀارا ٿيا. مهرن جي شڪست کانپوءِ هن بزرگ هڪ جڳهه تي بيهي چيو: ”هتي هڪ شهر آباد ٿيڻ کپي، جنهن کي ’شڪارپور‘ جي نالي سان سڏجي.“ اهڙيءَ ريت پير سلطان ابراهيم شاهه جي دعا سان شهر شڪارپور جو بنياد رکيو ويو.
ڪئپٽن گولڊن سمڊ هڪ هنڌ مير عبدالاحد علوي، (مختيارڪار)، جي هڪ قلمي نسخي جو حوالو ڏيندي لکيو آهي ته: ”مهرن جي شڪست کانپوءِ، پير سلطان ابراهيم شاهه وفات ڪئي. سندس هڪ مريد خواب ۾ ڏٺو ته پير صاحب هڪ کوهه مان رسي ۽ ڏول کان سواءِ پاڻي ڪڍي پيو. پوءِ مريد کي اشارو ڪندي چيائين ته مان ۽ منهنجو دوست حضرت خضرعه هن جاءِ تي هڪ شهر شڪارپور نالي سان آباد ڪرڻ گھرون ٿا، جيڪو اڳتي هلي هڪ وڏو شهر بڻجي ويندو. دائودپوٽن ان خواب کي عملي جامو پهرايو.
سلطان ابراهيم شاهه جي مزار پيرزادا ڳوٺ ۾، لکي- وزيرآباد روڊ تي واقع آهي. مقبري ۾ اندر سندس ٻن فرزندن فقير محمد سائين، نصير محمد سائين ۽ ٻن پوٽن عبدالڪريم ۽ عبدالنبيءَ جون مزارون پڻ آهن.


لفظ سلطان ابراهيم شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو